سنڌ

راڻيپور ۾ امتحاني سينٽر تي ڇاپو،شاگردن جا موبائل ضبط،احتجاج

سکر تعليمي بورڊ جي ٽيم راڻيپور جي ها اسڪول جي امتحاني سينٽر تي ڇاپو هنيو. ان دوران وڏي تعداد ۾ امتحان ڏيندڙ شاگردن کان موبائل فون هٿ ڪري ضبط ڪيا ويا، جنهن جي خلاف شاگردن امتحان جو بائيڪاٽ ڪري ها اسڪول کان قومي شاھراهه تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي شاگردن امتياز حسين، نعيم احمد، ساگرحسين ۽ ٻين چيو ته سکر بورڊ جي ٽيم تلاشي جي بهاني شاگردن کان وڏي تعداد ۾ بنا جواز موبائل فون کڻي وئي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. احتجاج دوران پوليس پهچي شاگردن کي کان قومي شاهراهه کولرائي ڇڏيو. پوليس هڪ شاگرد کي کنڀي کڻي وئي. اهڙي اطلاع تي ها اسڪول راڻيپور جي استادن ٿاڻي تي پهچي پوليس سان ڳالهيون ڪري شاگرد کي آزاد ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button