پاڪستانپنجاب

مريم هر هر منهنجو نالو وٺي ٿي، ڪٿي سندس مڙس نه ڪاوڙجي پئي: عمران خان

ملتان: اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان چيو آهي ته مريم نواز هر هر منهنجو نالو وٺي ٿي ڪٿي سندس مڙس مٿس ڪاوڙجي نه پوي. ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته کيس سوشل ميڊيا تي ڪنهن مريم نواز جي جلسي ۾ ڪيل تقرير جي وڊيو موڪلي، مريم تقرير ڪري رهي هئي ڪالهه، ان ۾ ايترا ڀيرا ۽ ان جذبي سان ۽ ان جنون سان منهنجو نالو کنيو، کيس چوڻ چاهيان ٿو ته مريم ٿورو ڌيان ڪر، تنهنجو مڙس ئي ناراض نه ٿي وڃي جهڙي طرح تون هر هر منهنجو نالو وٺين ٿي.” سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان سدائين سوچيندو آهيان ته انهن جي مون تي ايڏي ڪاوڙ ڇو آهي؟ مون کين ڇا ڪيو آهي؟ انهن تي ڪيس ته پراڻا داخل آهن، مقصود پٽيوالي کانسواءِ سمورا ڪيس پراڻا آهن. هن چيو ته 25 کان 29 مئي دوران اسلام آباد مارچ جو اعلان ڪنداسين، ڪارڪن تياري ڪري وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button