سنڌ

ميرو خان ۾ گدامن تي ڇاپا، هزارين مڻ ڪڻڪ هٿ ڪرڻ جي دعوى

ميرو خان ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ خوراڪ کاتي جي آفيسرن ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين جي گودامن تي ڇاپا هڻي هزارين مڻ ڪڻڪ هٿ ڪري ورتي. اي سي ناهيد احمد ميراڻي، ڊي ايف سي علي مگسي، فوڊ انسپيڪٽرن خالد مستوئي، سرفراز مستوئي، رياض مستوئي پوليس ساڻ ڪري شهر ۾ واپارين جي گودامن تي اوچتو ڇاپا هڻي واپارين پاران گودامن ۾ لِڪائي رکيل ڪڻڪ هٿ ڪري سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏي. ڊي ايف سي علي مگسي ۽ فوڊ انسپيڪٽر خالد مستوئي ٻڌايو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ پورو ناهي ٿي سگهيو ۽ واپاري سرڪار کي ڪڻڪ ڏيڻ بدران وڌيڪ منافعي لاءِ لڪائي ذخيرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري مجبور ٿي ڇاپا هڻي رهيا آهيون. هنن جو چوڻ هو ته ميرو خان ۾ عبدالرزاق پنجابي، سليم پنجابي، جاويد ڪنڀر ۽ ٻين واپارين جي گودامن تي ڇاپا هڻي هزارين مڻ ڪڻڪ هٿ ڪري سرڪاري تحويل ۾ آڻي ڇڏي آهي. خوراڪ کاتي جي عملدارن جو چوڻ هو ته ميروخان تعلقي ۾ 27 هزار جڏهن ته ضلعي ۾ 5 لک ٻورين جو ٽارگيٽ کٽل آهي جيڪو هر حال ۾ پورو ڪرڻو آهي. ٻي پاسي واپارين جو چوڻ آهي ته اسان ڪڻڪ 23 سئو کان وڌيڪ اگھه تي خريد ڪئي، جڏهن ته سرڪار صرف 22 سئو روپيا في مڻ جي حساب سان خريد ڪري رهي آهي جنهن سان اسان کي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button