اسلام آبادپاڪستان

ڪم ظرفي جي اظهار سان عمران جا ڏوهه لڪي نٿا سگهن: وزيراعظم

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران ملتان جلسي ۾ مريم نواز جي حوالي سان ڪيل ڳالهين تي وزيراعظم شهباز شريف جو رد عمل سامهون آيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز جي چاچي شهباز شريف چيو ته ڌيءُ مريم نواز خلاف غلط بياني تي سموري قوم خاص ڪري عورتون سخت مذمت ڪن. وزيراعظم شهباز شريف عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪم ظرفي جي اظهار سان ملڪ ۽ قوم خلاف توهان جا ڏوهه لڪي نٿا سگھن، مسجد نبوي جو تقدس نه رکندڙن کان مائرن، ڀيڻن ۽ نياڻي جي احترام جي ڪهڙي اميد رکي سگھجي ٿي؟ هن وڌيڪ چيو ته عمران خان تاريخ جو پهريون شخص آهي جيڪو هڪ پارٽي جي سربراهه طور تي بدتهذيبي جي ان کڏ ۾ وڃي ڪريو آهي، قوم ٺاهڻ نڪتو هو ۽ قوم جي اخلاق کي ئي بگاڙي ڇڏيو، انا الله و انا اليه راجعون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button