پاڪستان

عمران خان کي ڪهڙي خبر ته ماء ڀيڻ جي عزت ڇا هوندي آهي:نواز شريف

لنڊن: مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف جو چوڻ هو ته عمران خان پاڪستان جي جيڪا بربادي ڪئي آهي، ملڪي تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نٿو ملي ۽ شايد اڳتي به نه ملي. هن چيو ته عمران خان ملڪي معيشت، معاشري، اخلاقيات کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ بدتميزي جي ڪلچر جو بنياد وجهي ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته عمران خان کي اها خبر ناهي ته ماءُ ڀيڻ جي عزت ڪنهن کي چئبو آهي، هن کي اسان جي ۽ اسلامي معاشري ۾ عورتن جي عزت ۽ مقام جي خبر ناهي، مديني جي رياست جو نالو وٺي هو اهي حرڪتون ڪري ٿو جيڪي دنيا جي ڪنهن خراب مان خراب معاشري ۾ ڏسڻ لاءِ نٿيون ملن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button