عالمي

منڪي پاڪس انفيڪشن جا ڪيس 11 ملڪن تائين پکڙجي ويا

لنڊن: منڪي پاڪس انفيڪشن جا يورپ، آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت 11 ملڪن ۾ ڪيسز رپورٽ ٿي چڪا آهن. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه، ٽيڊروس ايڊهنم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته منڪي پاڪس بيماري بابت صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي، صحت جو عالمي ادارو منڪي پاڪس بيماري سبب متاثر ٿيندڙن کي رهنمائي فراهم ڪري رهيو آهي. ٽيڊروس وڌيڪ چيو ته منڪي پاڪس بيماري جو پکڙجڻ جا سبب معلوم ڪرڻ، ڦهلاءُ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. واضح رهي ته جرمني، بيلجيم، فرانس، آسٽريليا، اسپين، برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ منڪي پاڪس جا ڪيسز رپورٽ ٿي چڪا آهن. منڪي پاڪس جي علامتن ۾ بخار، جسم ۾ سور ۽ داڻن جو نڪرڻ شامل آهي. منڪي پاڪس ڪئين پکڙجندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button