سنڌ

ڪوٽڙي بيراج وٽ پاڻي کوٽ 72 سيڪڙو، سنڌ ۾ زندگي متاثر ٿي رهي آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ حڪومت صوبي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جو اعتراف ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ سنڌ جي بيراجن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، هن وقت ڪوٽري بيراج ۾ پاڻي جي کوٽ 72 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي، جنهن سبب زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي بعد هاڻ صنعتن کي پڻ پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. هن جو چوڻ هو تھ ارسا پاڻي جي 1991ع واري معاهدي تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ٽھ رخي فارمولي جي ڪابھ قانوني حيثيت ناهي، پر ارسا صوبن ۾ ڪيترن ئي سالن کان ٽھ رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ ڪري رهي آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو تھ اڻبرابري تي ٻڌل ٽھ رخي فارمولو مئي 1994ع ۾ وزارتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سامهون آيو، جنهن کي چيف ايگزيڪيوٽو آف پاڪستان، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت 23 آڪٽوبر 2000ع ۾ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. هن چيو تھ صوبن ۾ ٽھ رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ ٿي رهي آهي، جيڪا پاڻي معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آهي. شرجيل ميمڻ چيو تھ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي پاڻي جي کوٽ ۾ حصيداري کان آجو قرار ڏنو ويو آهي ۽ پاڻي جي کوٽ جو سڄو بار سنڌ کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. صوبائي وزير چيو تھ پاڻي جي کوٽ واري مند ۾ پنجاب پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي ويندو آهي، جيڪا ڳالهه ارسا جي پنهنجي رپورٽ مان صاف ظاهر آهي. هن مطالبو ڪيو تھ ارسا فوري طور تي فلڊ ڪينال بند ڪري. سنڌ کي ڪنهن صوبي جي حصي جو پاڻي نٿو گهرجي، ارسا پاڻي جي معاهدي تحت منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي. هن چيو تھ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زندگي شديد نموني سان متاثر ٿي رهي آهي، ڪشمور کان ڪينجهر تائين سنڌ جا هاري، عورتون، پوڙها ۽ ٻار پاڻي خاطر روڊن تي نڪتل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button