لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ننڊا ڦل جي رهواسين بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽريڪٽر ڊرائيور اويس ڪورائي ڀاءُ حاجي احمد ڪورائي سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته 4 سال اڳ بااثر خورشيد ڪورائي کي ٻه لک 60 هزار ۾ ٽريڪٽر وڪڻي ڏنو، ٽريڪٽر جا پئسا اڃا تائين ناهن ڏنا ويا، اهڙي سودي جي هفتي بعد بااثر خورشيد ڪورائي پنهنجي هڪ دوست شوروم مالڪ کان 7 لک 25 هزار ۾ ٽريڪٽر خريد ڪري ڏنو هو، جنهن ۾ هن کي 6 لک 65 هزار ڏنا هئا. مهيني بعد بااثر خورشيد ڪورائي مارڪيٽ پوليس معرفت خريد ڪيل ٽريڪٽر ٿاڻي تي بند ڪرائي ڇڏيو، پوليس چيو ته ٽريڪٽر مالڪ جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن بعد ۾ پوليس خورشيد ڪورائي ۽ شوروم مالڪ کان رشوت وٺي ٽريڪٽر سندن حوالي ڪري ڇڏيو، اسان کي نه وڪرو ڪيل ٽريڪٽر جي رقم ملي ۽ نه ئي خريد ڪيل ٽريڪٽر جا پئسا واپس مليا آهن
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close