ڪوٽڙي: ڄامشورو عدالت پاران سي ٽي ڊي حيدرآباد جي اهلڪار جاني ڏيٿو ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪوٽڙي واسي ايس ٽي پي اڳواڻ امجد مستوئي پاران ايڊوڪيٽ فهيم انڙ معرفت 22 اي جي داخل ڪيل درخواست تي ڄامشوري جي ايڊيشنل سيشن جج ٽو پاران ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي سي ٽي ڊي حيدرآباد جي اهلڪار فتح علي عرف جاني ڏيٿو، سندس ڀا ساجد علي ڏيٿو ۽ گلزار ڪاڪا مٿان فريادي امجد مستوئي جي گهر تي ڪاھه ڪري مٿس حملو ڪري سخت تشدد ڪرڻ ۽ کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ ايس ٽي پي اڳواڻ امجد مستوئي جي گهر تي چڙهائي ڪري کيس مارڪٽ ڪري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جنهن دورن امجد مستوئي سخت زخمي ٿي پيو هو، بعد ۾ امجد مستوئي تي حيدرآباد جي حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ پڻ حملو ڪري کيس زخمي ڪرڻ کان پو مٿس ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو. سي ٽي ڊي اهلڪار موجب امجد مستوئي ڪوٽڙي ۾ ريلوي ٽريڪ تي بم ڌماڪي جي ڪيس ۾ گهربل آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close