
ميھڙ: ڀٽ شاهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ لا ميهڙ ۾ ڀٽائي جي مداحن ناظم خان چانڊيو، حيدر بخش تنيو، علي دوست ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميهڙ آڏو احتجاج ڪيو. هنن ڀٽ شاهه کي تعلقو درجو نه ملڻ خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ڀٽ شاهه تاريخي ۽ قديمي شھر آھي، ڀٽائي سرڪار سڄي دنيا ۾ مشھور آھي، جنهن ڪري سندس چاهيندڙ سڄي دنيا مان اچن ٿا پر افسوس جو کيس هن وقت تائين تعلقي جو درجو ناهي مليو ۽ نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ھنن وڏي وزير ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آھي ته ڀٽ شاهه کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي.