لاهور: لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ ڇاپي دوران هڪ گهر جي ڇت تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. ڊي آءِ جي آپريشنز سهيل چوڌري موجب پوليس شهر ۾ جاري ڪريڪ ڊائون جي حوالي سان گهر تي گوڙ ڪرڻ تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران گهر جي ڇت تان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪانسٽيبل ڪمال احمد سخت زخمي ٿي پيو. زخمي ڪانسٽيبل کي فوري طور امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس فائرنگ جي الزام ۾ گهر جي مالڪ ساجد ۽ ان جي پٽ مڪرم کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close