پاڪستانسنڌ

گجي لڳ ڪي ڊي اي واھه ۾ ٻڏي فوت ٿيل 7 ڄڻن جي تدفين

گُجو/ڌاٻيجي: گُجي لڳ گذريل ڏينھن لوڊر رڪشو ڪلٽي ٿيڻ سبب ڪي ڊي اي واھه ۾ ٻڏي فوت ٿيل 7 تبليعين مان 6 ڄڻن جي اجتماعي جنازي نماز ڌاٻيجي جي النور گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي وزير جي خاص صلاحڪار رياض شاھه شيرازي، امير حيدر شاھه شيرازي، جمعيت علماءِ اسلام، جماعت اسلامي، تبليغي جماعت جي سوين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي ماڻھن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. ھڪ ئي وقت 6 جنازا کڄڻ وقت علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇائنجي وئي، ڌاٻيجي جي غريب آباد مارڪيٽ، زرين ڪالوني، شيخ عبدالمجيد ڪالوني وارا علائقا سوڳ ۾ مڪمل طور بند ٿي ويا.

حادثي ۾ فوت ٿيل ڌاٻيجي واسين رڪشا ڊرائيور محمد آصف، ھارڊويئر جي دڪاندار گوھر بيگ، واپاري حاجي غلام رسول، پشاور واسين تبليغي جماعت جي امير سيد مزمل شاھه، مقبول ۽ گل رحمان کي ڌاٻيجي جي زرين ڪالوني قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته حادثي جي 7 فوتي امير حمزا کي گذريل رات ئي شيخ عبدالمجيد ڪالوني ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اسماعيل شاہه قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، تبليغي جماعت جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته فوتي پنھنجا گھر ۽ آسائشون ڇڏي اللھ جي دين جي خدمت لاءِ نڪتل ھئا ۽ کين شھادت واري موت نصيب ٿي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button