
مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ لطيف شاھه ۾ گهر کي بجلي جي تار مان باھه، الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، خبر موجب مسوڀرڳڙي ويجهو ڳوٺ لطيف شاھه ۾ حاجي روشن خاصخيلي جي گهر کي بجلي جي تار مان اوچتو باھه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل کٽون ۽ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏھن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، هوڏانهن ڳوٺاڻن پنهجي مدد پاڻ تحت باھه وسائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته فائربرگيڊ مٽياري کي اطلاع باوجود عملو نه پهتو، هوڏانهن اطلاع ملڻ تي ٻڍاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي متاثر ڌر کان تفصيل ورتا.