اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 20 لک ماڻهن جو اعلان ڪرڻ وارو اڄ فيس سيونگ ڳولي رهيو آهي. هڪ طرف وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري رکيو آهي ۽ ٻئي طرف فتنو ۽ فساد پکيڙيندڙ اڄ به رستن تي آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان 2014ع ۾ به پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪيو، سول نافرماني جي تحريڪ هلائي، بل ساڙيا. سپريم ڪورٽ جي ٻاهران گندا ڪپڙا ٽنگيا ۽ اهي سمورا منظر پاڪستان جي عوام ڏٺا. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ان جٿي خوني مارچ جو اعلان ڪيو ۽ انتشار ۽ فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عوام اڄ فساد ۽ انتشار پکيڙڻ جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اڄ سياست مان لشڪرڪشي جو خاتمو ٿي چڪو آهي، هاڻي ڪو به جٿو ٺاهي پارليامينٽ ۽ رياست تي حملو نه ٿو ڪري سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close