ڪشمور ۾ 5 مهينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن سندس بازيابي لا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حاجي عيسى لاشاري، اسلم لاشاري، فتح محمد لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته صادق لاشاري کي 5 مھينا اڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان ٽرڪ مان لاھي اغوا ڪيو ويو، جنهن کي شڪارپور پوليس اڃا تائين بازياب ناھي ڪرائي سگهي. هنن چيو ته مغوي جي گهر ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آهي. هنن چيو ته اها خبر ناهي ته مغوي ڌاڙيلن وٽ زندهه به آهي يا انهن کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان جي والده کي لاڳيتو بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. هنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مغوي صادق لاشاري کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close