عالمي

جيسلمير ۾ ڳوٺ ڪلڌرا عورت جي عزت خاطر 200 سال اڳ خالي ٿيو

راجسٿان ۾ جاگرافيائي طور واري جي وڏين وڏين ڀٽن واري ضلعي جيسلمير کان ڪجهه ئي فصلي تي واقع ڪلڌرا نالي سان ڳوٺ آهي، جيڪو تقريبن 200 سالن کان خالي ۽ ويران آهي، جنهن ۾ اڄ بھ ڪو ماڻهو ناهي رهندو. بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي تھ هن ڳوٺ جا رهواسي 200 سال اڳ اوچتو رات وچ ۾ لڏي ٻين علائقن ۾ هليا ويا ۽ وري واپس نھ آيا،

ڪلڌرا ڳوٺ ۾ جوڙيل عمارتن جي خوبصورتي جو ڏيک

هن ڳوٺ کي هاڻ قومي ورثو قرار ڏئي مقامي آثار قديما جي نگراني هيٺ ڏنو ويو آهي. مقامي روايتن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو تھ راجسٿان 200 سال اڳ جڏهن راڄواڙن جي رياست هو، جنهن ۾ ڪلڌرا رياست جو خوشحال ترين ڳوٺ هوندو هو، جتان رياست کي سڀني کان وڌيڪ آمدني ملندي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هي ڳوٺ پاليوال برهمڻن جو ڳڙهه هو، جنهن ۾ هڪ ڇوڪري جي شادي ٿي رهي هئي، جيڪا حسن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ جيسلمير رياست جي ديوان سالم سنگهه جي نگاهه ان ڇوڪري تي پئجي وئي ۽ ان سان شادي جو ضد ڪيو، هن ڳوٺاڻن کي سوچڻ خاطر ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني، ڳوٺ جا ماڻهو ڄاڻندا هئا تھ انهن سالم سنگهه جي ڳالهه نھ مڃي تھ هو ڳوٺ ۾ رتوڇاڻ ڪندو ۽ بعد ۾ امن ٿي نھ سگهندو،

ڳوٺ ڪلڌرا جون ڊهي پيل ڪجهه جڳهيون

چون ٿا تھ ڳوٺاڻن مندر جي پاسي ۾ پنچائت لڳائي فيصلو ڪيو تھ پنهنجي ڇوڪري جي عزت بچائڻ خاطر اهي ڳوٺ مان لڏي ويندا ۽ ڪڏهن بھ موٽي نھ ايندا، انهن رات جي اونداهي ۽ سناٽي ۾ پنهنجو سامان تيار ڪيو، کنيو ۽ ڳوٺ ڇڏي هليا ويا، اهي ٻيهر واپس ڳوٺ ۾ نھ آيا. ديوان سالم سنگهه جي حويلي اڄ بھ ان ڳوٺ ۾ موجود آهي، پر ان کي ڏسڻ خاطر ڪو ماڻهو ناهي ايندو. هن وقت هي ڳوٺ آثار قديما جي نگراني ۾ سياحت جو مرڪز آهي، هر سال هزارين ماڻهو ان کي ڏسڻ ايندا آهن، پر سالم سنگهه جي حويلي ڏي ڪوبھ ناهي ويندو.

ڪلڌرا جو اهو مندر جتي پنچائت ٿي

ڳوٺ جي ڀرپاسي وارن ڳوٺاڻن جي نظر ۾ هي ڳوٺ وڏي احترام جي علامت آهي. روايت آهي تھ ڪلڌرا جي رهواسين ڳوٺ ڇڏڻ وقت بد دعا ڏني هئي تھ هي ٻيهر آباد نھ ٿي سگهندو، بد دعا کي 200 سالن گذرڻ باوجود هي ڳوٺ اڄ بھ ويران ۽ اجڙيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button