سنڌ

لاڙڪاڻي نوجوان اتحاد پاران منشيات بند نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو نوجوان اتحاد جي اڳواڻن بلاول تنيو، عرفان علي عباسي، عرفان علي لاشاري، اظهر علي، ارشاد علي، نصير ڪلهوڙو ۽ ٻين منشيات جي روڪٿام نه ڪرڻ تي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. هنن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ حقه بار، آئيس، هيروئن، ڪوڪين، شراب ۽ ٻيا خطرناڪ نشا نوجوانن جي زندگي ۽ سندن مستقبل کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن پر پوليس انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته شهر ۾ منشيات کي ڏسي ٻار به گهرن ۾ ساڳيو ئي عمل دهرائي رهيا آهن، جيڪو اسان جي نوجوان نسل لا تمام هاڃيڪار آهي. سي ايس ايس جي تياري ڪرڻ وارن سميت يونيورسٽي جي شاگردن ۾ پڻ نشو واپرائڻ عام ٿيندو پيو وڃي. هنن الزام لڳائيندي چيو ته هاڻي نئين نسل کي حقه بار سميت عام هوٽلن ۽ علائقن ۾ منشيات ملي رهي آهي جنهن جي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه کي خبر آهي. هنن چيو ته اسان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن پر اسان پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽنداسين. جيڪڏهن منشيات بند نه ٿي ته ڪراچي ۾ وزير اعلى هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين، مسئلو حل نه ٿيو ته پو وزير اعظم هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button