سنڌ

ڄامشوري ۾ پيئڻ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي ڌرڻو

ڄامشورو ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف نوجوان سجاڳ تحريڪ جي سڏ تي شھر جي مک چوڪ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن رضوان چانڊيو، اسد شاهه، رضوان ڏاھاڻي، نعيم عالماڻي ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو جي عوام کي ڪا سھولت نه ڏني وئي آهي. واٽر سپلا اسڪيمون به من پسند ماڻھن کي ڏنيون ويون آھن ۽ غريب عوام گڏهه گاڏن يا ٽينڪر ذريعي پاڻي خريد ڪندا ھئا ته ضلعي انتظاميا کي اھا ڳالھه به نه وڻي ۽ ھٿ وٺي ڄامشورو ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري پيدا ڪئي وئي آھي، ضلعي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ٽينڪر مافيا کي هٿي ڏني پئي وڃي. ضلعي انتظاميا جي نااھلي ڪري شھري پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button