سنڌ

رستم ويجهو قتل ڪيل عورت واري واقعي جي شنوائي

رستم ويجهو ڳوٺ محمود پنهوار واسي ناري افسانه پنهوار کي پريمي وحيد پنهوار سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مبينا ڪارنهن الزام مڙهي دوکي سان چڱن مڙسن معرفت جوڙي کي گهرائي قتل ڪرائڻ واري مامري جي لاڙڪاڻو ها ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي. شنوائي ۾ ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور سميت ٻيا پوليس عملدار پيش ٿيا. عدالت پوليس کان جوابدارن جي گرفتاري بابت پڇاڻو ڪيو ۽ آ جي سنڌ جي پيش نه ٿيڻ تي پڻ پڇاڻو ڪيو. جنهن تي ڊي آ جي لاڙڪاڻو، مظهر نواز شيخ عدالت کي ٻڌايو ته آ جي مشتاق مهر جي طبيعت ناساز هئڻ ڪري پيش نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته رستم پوليس هڪ وڌيڪ مک جوابدار برڪت پنهوار کي گرفتارڪري ورتو آهي. وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لا ٻن هفتن جي مهلت ڏني وڃي. جنهن بعد عدالت ڪارروائي ڪندي 15 ڏينهن بعد جوابدارن جي گرفتاري سميت ڪيس جا سمورا تفصيل گڏ ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. جڏهن ته عدالت ڪيس جي وڌيڪ جاچ جي چارج ايس ايس پي لاڙڪاڻي عمران قريشي جي حوالي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button