سنڌ

ڊکڻ ۾ 2 مهينا اڳ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ڊکڻ ۾ مقتول امتياز شر جي وارثن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊکڻ ويجهو 2 مهينا اڳ ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان واسي پورهيت امتياز شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن ما نصيبان خاتون، سعيد شر، دلدار شر پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن جو چوڻ هو ته 2 مهينا اڳ اسان جي نوجوان امتياز شر کي پنهنجي برادري جي ثنا الله شر، امان الله، ارباب شر سکر مان گهرائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو هو، 2 مهينا گذرڻ باوجود ڊکڻ پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قتل ڪيس ۾گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button