سنڌ

جونگل ويجهو ڪارنهن تڪرار تان جوابدارن ساريالو فصل ڪٽي ڇڏيو

جونگل ويجهو ڳوٺ نصير سميجو ۾ ٻن ڌرين حاجي پهوڙ ۽ گل حسن پهوڙ ۾ ڪارنهن جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان هڪ ڌر گل حسن پهوڙ جي ماڻهن رات جو سارين جي فصل تي چڙهائي ڪري 2 جريبن تي بيٺل ساريالو فصل ڪٽي ڦٽي ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي واقع خلاف متاثر حاجي پهوڙ، امام الدين پهوڙ، وحيد پهوڙ، اقبال پهوڙ ۽ جانب پهوڙ ٻارڙن سميت ڪٽيل فصل کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته جوابدار ڌر جي گل حسن پهوڙ، شهزور پهوڙ، اڪبر پهوڙ، اميربخش پهوڙ، جلال پهوڙ، شهدوست پهوڙ ۽ سليمان پهوڙُ 15 ڏينهن اڳ ساڳي طريقي سان هڪ جريب ساريالو فصل ڪٽي ويا ۽ هاڻي 2 جريبن جو فصل ڪٽي اسان کي لکين روپين جو نقصان ڏنو آهي. هنن چيو ته جوابدارن خلاف اهڙن واقعن جا بي سيڪشن ٿاڻي تي 3 ڪيس داخل ٿيل آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button