سنڌ

شهدادڪوٽ اسپتال عملي پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ

شهدادڪوٽ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو سان پي ٽي آ ليڊيز ونگ اڳواڻ ناهيد کهاوڙ پاران اڍنگي رويي سان پيش اچڻ ۽ کيس ڌمڪائڻ خلاف پي ايم اي ۽ پيراميڊيڪل جي سڏ تي اسپتال عملي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽر عبدالستار وڌو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي اسپتال جي گيٽ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پي ٽي آ اڳواڻ ناھيد کھاوڙ ۽ ڪارڪنن اسپتال ۾ ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو سان بداخلاقي ڪري ھلڪڙاائپ ظاھر ڪئي اهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ھنن چتا ڏيندي چيو ته جيستائين ناهيد کهاوڙ ۽ پي ٽي آ ڪارڪنن خلاف قانوني ڪارروائي نه ٿيندي يا ناهيد کهاوڙ غلطي تسليم ڪري معافي نه وٺندي تيستائين او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button