سنڌ

ڄامشوري ۾ پيرسن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ڄامشورو ويجهو ڳوٺ پناهه کوسو واسي پيرسن سبز علي کوسو ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪري الزام هڻندي چيو ته ڄامشوري جي لينڊ مافيا عثمان کوسو، راڻو کوسو ۽ سڪيلڌو کوسو جي مدد سان چونڊيل ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ٿرمل پاور ھائوس ويجهو منهنجي 22 ايڪڙ زمين تي زوري قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آھن. هن چيو ته منهنجي مائٽن ايم اين اي کي 24 ايڪڙ زمين کپائي ڏني آھي، ان زمين جي آڙ ۾ هن منهنجي مائٽن ۽ مقامي لينڊ مافيا سان گڏجي منهنجي 22 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪيو آھي ۽ ان سان گڏ مائٽن ۽ علائقي واسين جي 127 ايڪڙ جا جعلي ڪاغذ پڻ ٺاهي ورتا آھن. ايم اين اي جي زيادتين خلاف سنڌ ها ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي. احتجاج ڪرڻ تي ايم اين اي مختلف ٿاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button