اسلام آباد: وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته صوبي جا وسيلا وفاق تي حملي لاءِ استعمال ڪرڻ ناقابل قبول آهي. عمران خان نڪ جي پڪائي سان هٿيار هجڻ جو اعتراف ڪيو. عمران خان جو جٿن وٽ هٿيار هجڻ جو اعتراف ننڍي ڳالهه نه آهي. غريب ترين طبقي کي پيٽروليم شين جي قيمتن جي اثر کان بچائينداسين. ڪالهه اسلام آباد ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شازيا مري چيو ته هڪ ڪروڙ چاليهه لک گهراڻن لاءِ 28 ارب رپين جو پئڪيج تيار ڪري ورتو آهي،ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان جي شروعات جون ۾ ٿيندي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ ۾ شامل 8 ملين ماڻهن کي وڌيڪ امداد ڏني ويندي. حڪومت جي ڪوشش آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا اي سي سي جي هڪ فيصلي جي توثيق ڪئي جيڪو پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ جو هو. هن چيو ته حڪومت قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي ته هڪ رليف پئڪيج جو اعلان به جوڙيو آهي. تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ جوا ثر مهانگائي تي پوي ٿو. شازيا مري چيو ته اڳوڻي حڪومت ج اپشاور بي آرٽي، راولپندي رنگ روڊ، گوگي اسڪينڊل جهڙا ڪيترائي معاملا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close