پاڪستانخيبرپختونخوا

مون کي پيغام موڪليو ويو هو ته پنهنجي ملڪ جو سوچيو: عمران خان

پشاور: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي جي رٿ دوران آصف علي زرداري سان رابطن جي ترديد ڪندي آصف زرداري ۽ ملڪ رياض وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو. پشاور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تسليم ڪيو ته کيس پيغام موڪليو ويو هو ته پنهنجي ملڪ جو سوچيو، پيغام ڪنهن جي طرفان آيو هو اهو في الحال نٿو ٻڌائي سگهان. هن چيو ته 26 سالن کان چئي رهيو آهيان ته آصف زرداري ۽ ن ليگ هڪ ئي آهي، لانگ مارچ ختم ڪرڻ جي پويان ڪا ڊيل ناهي، لانگ مارچ ختم نه ڪريان ها ته رتوڇاڻ ٿئي ها. سندس چوڻ هو ته اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي چڪا آهيون، تصديق لاءِ وڃڻ جي ضرورت ناهي، قومي اسيمبلي فلور تي اسپيڪر سامهون استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اسيمبلي ۾ واپسيءَ جو مطلب امپورٽڊ حڪومت کي تسليم ڪرڻ آهي، هاڻ ڪنهن ميمبر کي انفرادي طور اسيمبلي وڃڻ جي ضرورت ناهي. عمران خان چيو ته حڪومت ۾ هئاسين ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ هو، آمريڪا جي اثر هيٺ مخصوص لابي مسلم ملڪن کان اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button