سنڌ

آ جي کي هٽائڻ بابت ها ڪورٽ جو فيصلو نامناسب آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عدالتي فيصلن جو اعتراف ڪريون ٿا، جڏهن ته آ جي سنڌ کي هٽائڻ بابت عدالتي حڪم مناسب نه آهي، هاءِ ڪورٽ جي سمورن حڪمن کي عزت ۽ قدر جي نظر سان ڏسون ٿا، ڪي ايم سي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ريسڪيو 1122 جي افتتاح کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته آ جي جي مقرري وفاق جي صلاح مشوري سان ٿئي ٿي، سنڌ ۾ وقتي آ جي خدمتون نڀائي رهيو آهي، مستقل آ جي جي مقرري لاءِ مشاورت جاري آهي. هن چيو ته سنڌ مان ٻه ٻارڙيون غائب ٿي ويون ۽ ننڍي ڄمار ۾ پنجاب ۾ شادي ڪري ورتي، سنڌ ۾ گهٽ عمر جي شادي جي اجازت نه آهي، هڪ ٻارڙي هٿ اچي وئي آهي، جڏهن ته ٻي خيبرپختونخوا ۾ هجڻ جو اطلاع آهي. هن چيو ته وڏي وزير خيبرپختونخوا سان ٻي ٻارڙي جي بازيابي ۾ تعاون لاءِ ڳالهه ٿي آهي، ان حوالي سان خيبرپختونخوا ۽ سنڌ پوليس جي اعليٰ اختيارين ۾ رابطا ٿيا آهن، اميد آهي ته ٻئي صوبا گڏجي ٻارڙي کي بازياب ڪرائيندا. مرادعلي شاهه چيو ته اسان کي ٻارڙي بازياب نه ٿيڻ تي والدين جي ڏک ۽ تڪليف جو احساس آهي، وفاق ۾ ڪهڙي به حڪومت هجي، سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائيندا رهنداسين، هاڻي به پنهنجي صوبي جي ماڻهن لاءِ اسٽينڊ وٺندس. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جا ٻه ٽي واقعا ٿيا هئا، علاج لاءِ نه پر ڊيوس ۾ورلڊ اڪانومڪ فورم ۾ شرڪت لاءِ ويو هيس، ان کان اڳ ريسڪيو 1122 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مرادعلي شاهه چيو ته جديد ريسڪيو سروس سنڌ جي ترقي ڏانهن پهريون قدم آهي. سنڌ ۾ نئين ايمبولنس سروس شروع ٿيڻ سان گهڻي خوشي ٿي. وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبو موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن ۽ ٻين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، گذريل ڪجهه سالن کان قدرتي آفتن سبب ڪيترائي ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن. هن چيو ته وبائي مرض، سخت گرمي، سيلاب، باهه ۽ ڌماڪن جا ڪيترائي حادثا ٿيا، صوبي جي وڌندڙ آبادي، قدرتي آفتن ۽ ڪرونا جهڙي وبا کي منهن ڏئي رهي آهي، وڏي وزير چيو ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ عوامي تحفظ لا قدم کڻي رهيا آهيون. حڪومت جي پهرين ترجيح ماڻهن کي هنگامي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جون خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيوته بروقت حادثن کي منهن ڏيڻ ۽ ڏکيائيون گهٽائڻ جهڙي بهترين سهولت لاءِ ڪوشان آهيون. سنڌ حڪومت جو ريسڪيو 1122 پروجيڪٽ تحت ريسڪيو سروس جي شروعات نئون قدم آهي. وڏي وزير چيو ته اسان وٽ 230 ايمبولنسز آهن، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ڊويزن کي ايمبولنسز ڏنيون وينديون، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ صوبي جي ٻين ڊويزنن ۽ ضلعن ۾هلايون وينديون. هن چيو ته منصوبي تحت هڪ سينٽرل ڪمانڊ اينڊڪنٽرول سينٽر قائم ڪرڻو آهي، مرڪزي سينٽر ۽ ٻيا ڪمانڊ سينٽرز هڪ ٻن مهينن ۾ آپريشنل ٿي ويندا. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ ايمرجنسي رليف سروس جي فراهمي کي بهتر بڻائينداسين، اسان جو فرض آهي ته اسان عوام جي خدمت ۽ جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button