حيدرآباد: حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ فاسٽ فوڊ جي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. هوٽل مالڪ سميت 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا. خبر موجب حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي جي حد جي علائقي صدر ۾ فاسٽ فوڊ جي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، ڌماڪي دوران علائقي ۾ خوف ڦهلجي ويو.
ڌماڪي ۾ فوڊ دڪان جو مالڪ 35 ورهين جو حضيفا، 24 ورهين جو حسنين، 30 ورهين جو واحد ۽ 30 ورهين جو زاهد سڙي زخمي ٿي پيا. جن کي حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته گذريل ڏينهن حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ڳوٺ بچل سومرو ۾ موجود جهوپڙا هوٽل ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو هو،