بونير:اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون تي غداري جو ڪيس ٺاهي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جئين ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي ڪرپشن لڪائي سگهن. بونير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته زرداري ملڪ کي وڏي بيماري لڳل آهي، اهڙي نموني فضل الرحمان آهي جنهن کي سوچڻ گهرجي ته کيس الله ايتري ذلت ڇو ڏني، فضل الرحمان سدائين ذاتي مفادن واري سياست ڪئي آهي. هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت آڻڻ ۽ اسان جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ ڀارت، آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي سازش ڪئي، اسان جي ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ پيٽرول 56 رپيا مهانگو ٿيو جڏهن ته هنن جي ٻن مهينن جي حڪومت ۾ پيٽرول 60 رپيا مهانگو ٿيو، اسان جي دور ۾ ڊيز 50 رپيا وڌي جڏهن ته هنن جي دور ۾ 60 رپيا مهانگي ٿي، اسان جي دور ۾ 20 ڪلو اٽو 326 رپيا وڌيو جڏهن ته امپورٽڊ حڪومت جي دور ۾ 10 ڪلو اٽو 422 رپيا مهانگو ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close