
گوادر: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هڪ هفتي تائين پوري ڪوشش ڪئي ته عوام تي اضافي بار نه پوي پر دل تي پٿر رکي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪرڻي پئي، اسان وٽ ان کانسوا ٻي ڪا واٽ نه هئي، جڏهن ته اڄ گڏجاڻي ۾ سخت فيصلا ڪندس جيڪي سرڪاري آفيسرن ۽ اشرافيا کي قبول ڪرڻا پوندا. وزيراعظم شهباز شريف گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي جو افتتاح ڪيو ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گوادر ۾ چين ڊي سيلينيشن پلانٽ جو به انتظام ڪيو آهي. هن چيو ته اسان گوادر ۾ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، گوادر ۾ ڪم جي رفتار تسلي جوڳي ناهي، اڃا تائين گوادر هوائي اڏي جو ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو، 2017ع ۾ گوادر ايئر پورٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو هو، گوادر هوائي اڏو گرانٽ جي طور تي چيني صدر ڏنو، جنهن کي اڃا تائين اسان مڪمل ناهيون ڪري سگهيا.