مٺي/ اسلام ڪوٽ: ٽئڪسي يونين پاران تيل جون قيمتون وڌائڻ خلاف هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو. مٺي ۾ ٽئڪسي يونين جي سڏ تي ٽئڪسي ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. يونين جي اڳواڻن علي گل هالو، اڪرم لنجو، يعقوب عمراڻي ۽ ٻين چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ سان مزدور طبقو پريشان ٿي ويو آھي، تيل جون قيمتون وڌڻ سان مهانگائي جو طوفان برپا ٿيو آھي، جنهن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٽئڪسي ڊرائيور ٿيا آھن. اسلام ڪوٽ ۾ ٽئڪسي ڊرائيور ايسوسيئيشن جي صدر بشير بجير، ساهڙ بجير، الهداد بجير، سبحان بجير، نياز خاصخيلي ۽ ٻين ٽئڪسيون بيهاري رينجرز چيڪ پوسٽ وٽ مٺي_اسلام ڪوٽ باءِ پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو، ڊرائيورن ڳالهائيندي چيو ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ بعد بيروزگار ٿي ويا آهيون، ڀاڙا بند ٿي ويا آهن، اتحادي حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close