پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو مظاهرو

ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالهيار ۾ ميونسپل ڪميٽي جي مختلف وارڊن جا ماڻھو گندي پاڻي جي پريشاني سبب ايم سي انتظاميا خلاف گھرن مان نڪري آيا. خواجا اجمير ڪالوني ۽ غريب نواز ڪالوني گندي پاڻي جي گھيري ۾ اچي وئي، جنهن خلاف رهواسين ميڊيا اڳيان مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته اسان جي وارڊن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان پاڻي نيڪال ناھي ٿيو، جنهن سبب اسان جو علائقو سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، گندي پاڻي جي ڪري اسان جا ٻار اسڪول به نٿا وڃي ۽ علائقي واسي مختلف بيمارين ۾ پڻ وٺجي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان جي وارڊ مان چونڊيل ڪائونسلر ايم سي جو وائيس چيئرمين به رھي چڪو آھي، وائيس چيئرمين عوام جو ڪم ڪرڻ بدران پنھنجو ڀڀ ڀريو. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته گندو پاڻي نيڪال ڪرائي بنيادي سهولتون ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button