اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءُ واري وفاقي مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو پرڏيهي سازش وارو بيانيو دفن ٿي ويو آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب عمران خان جي اپر دير ۾ جلسي کي خطاب تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم کي سال 2023ع تائين چپ ڪري انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان صاحب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪارڪردگي کان ڊڄي ٿو، کيس مشورو آهي ته چپ رهي ۽ 2023ع جو انتظار ڪري.سڌ سماءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شهباز شريف معيشت کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو. هو ڄاڻي ٿو ته وزيراعظم سمورن ملڪن سان لاڳاپا درست ڪندو. هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شهباز شريف کي ڪم جي اجازت ڏني ته هو سيڙپڪاري واپس آڻيندو ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيندو.هن چيو ته شهباز شريف اوهان جي تباهه ڪيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي. 4 ورهين ۾ معاشي تباهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ ڏيڍ مهينن جو حساب گهري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ٻه دفعا چيو آهي ته ڪا به سازش ناهي ٿي، اوهان جو پرڏيهي سازش وارو بيانيو ختم ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته عمران خان نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي کي پنهنجي منافقت واري سياست ۾ گهيلڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close