
عمرڪوٽ/ڪنري: وڏي وزير مراد علي شاهه ٿر ڪول لاءِ سڀ کان وڏي واٽر سپلاءِ اسڪيم جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، اسان ھن مسئلي جي حل ٿيڻ تائين نه ڇڏينداسين. پر هر فورم تي پنهنجي حقيقي مسئلي حل لاءِ وزيراعظم سان رابطو ڪنداسين. اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملندو. ڪالهه ان موقعي تي وڏي وزير مراد شاهه عوام کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ اولين ترجيحن بنياد تي ڪم ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ هن ميگا پروجيڪٽ کان علاوه ٻيا به منصوبا شروع ڪيا ويندا. سنڌ جي غريب عوام جي ڀلائي لاءِ هي منصوبو نه رڳو مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻيندو، پر ٿر جي ماڻهن لاءِ هڪ نئين دور جو آغاز ڪندو. هن ٻڌايو ته ڪويت حڪومت جي سهڪار سان پمپنگ اسٽيشن 4 ڏهائي 8 ميگا واٽ جو پاور پلانٽ 48 ڪيوسڪ پاڻي، گندي پاڻي جي صفائي، واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ذريعي تعمير ڪيو ويندو، جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت سنڌ جي وڏي ڪاميابي هوندي. هي ملڪ جو پهريون منصوبو آهي جنهن سان سنڌ کي 35 ارب جو فائدو ٿيندو. هي منصوبو هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو، وڏي وزير ڪويت حڪومت خاص طور تي ڪويت جي قونصل جنرل سليم يوسف الحمدان جي ڪوششن کي ساراهيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان پنهنجي صوبي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ان حوالي سان آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو اسلام آباد ۾ اجلاس ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو اٿاريو آهي، جنهن تي هن چيو ته اسان جي صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ۽ ھن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو. اسان ھن مسئلي جي حل ٿيڻ تائين نه ڇڏينداسين، پر هر فورم تي پنهنجي حقيقي مسئلي حل لاءِ وزيراعظم پاڪستان سان رابطو ڪنداسين. وڏي وزير يقين ڏياريو آهي ته اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندي. ھن وڌيڪ چيو ته عوام نواز پاليسي جي ڪري مڪاني چونڊون ڪرايون ويون آهن، تعلقي ڪنري جي 10 يوسيز تي پ پ جي اميدوارن تي اعتماد جي ڪري بنامقابلي اميدوار چونڊيا ويا آهن، جيڪا مقامي قيادت ۽ پيپلز پارٽي عوام جو اعتماد وڌيڪ حاصل ڪندي ۽ هر سطح تي عوام جي اميدن تي پورو لهندي. ھن چيو ته علائقي جي عوام کي گهرجي ته پنهنجا نمائندا پاڻ چونڊي، ڪنهن ٻئي کي ووٽ نه ڏي. تقريب ۾ ڪويت جي قونصل جنرل سليم يوسف الحمدان سنڌ جي آبپاشي، توانائي ۽ ٻيلي کاتي واري وزير ڄام خان شورو، امتياز احمد شيخ، نواب تيمور ٽالپر پي ڊي انرٽيڪ ياسر ملڪ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هي ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 1650 ميگا واٽ توانائي پيدا ڪرڻ واري منصوبو آهي. ھي پروجيڪٽ ڪويت جي اينرٽيڪ پبلڪ پرائيويٽ واٽر ڪمپني جي سهڪار سان ڪوئلي مان توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ نبي سر کان وينجھار تائين ٿر جي ڪوئلي تي 45 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ 130 بلين جو منصوبو آهي.افتتاحي تقريب ۾ ڪويت جي قونصل جنرل سليم يوسف الحمدان، اينرٽيڪ واٽر پرائيويٽ ڪمپني ڪويت جي سي اي او عبدالله مطھري، سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو، توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ، ٻيلي کاتي واري وزير نواب تيمور ٽالپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو تعليم وارو وزير سردار شاهه، ايم اين ايز مير منور علي ٽالپر، خاص مددگار ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، ايم پي اي سريندر ولاسائي، مهيش ڪمار ملاڻي، ايم پي ايز راڻا همير سنگهه سوڍو، امير علي شاهه، ذوالفقار علي شاهه، فقير شير محمد بلالاڻي، سينيٽر ڪرشنا ڪماري، پونجو مل ڀيل، قاسم نويد قمر، سيڪريٽري توانائي ابوبڪر مدني، رياض احمد سومرو، ڪمشنر ميرپورخاص اعجاز علي شاهه، ڊي آءِ جي ذوالفقار علي مهر، ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص ڊويزن حزب الله ميمڻ، ڊي سي عمرڪوٽ طاھر علي ميمڻ، ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي، چيف انجنيئر آبپاشي وقار قادري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته پي پي پي موڊ جو هي سڀ کان وڏو منصوبو ٿر ڪول بلاڪ 1 مان 1650 ميگا واٽ توانائي پيدا ڪندو. ھن منصوبي تحت 200 ڪيوسڪ واٽر ڪينال ٺاهيا ويندا، ھي پروجيڪٽ نبيسر کان ويجھار تائين شروع ٿئي ٿو. ھن پروجيڪٽ تحت علائقي جي ماڻهن کي پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ فرش ريگيوليٽر کان نبيسر تائين ڪئنال تعمير ڪري 45 ڪيوسڪ پاڻي ڪويت اينرٽيڪ واٽر ڪمپني ذريعي فراهم ڪيو ويندو ۽ ھن منصوبي جي ڪل لاڳت 182 ڏهائي 350 ملين رپيا هوندي، ھن منصوبي جو تصور 2021ع ۾ معاهدي ذريعي ڪيو ويو.