
ڇاڇرو: ڇاڇرو لڳ ڳوٺ صوڀي جو تڙ ۾ چلهه جي چڻنگ مان اوچتو باهه بڙڪي پئي، جنهن سبب 20 غريبن جا ڪکاوان گهر سڙي ويا. باهه جو واقعو شام جو پيش آيو، هوا سبب وڌيڪ نقصان ٿيو. ٽائون ڪميٽي ڇاڇرو جي فائر برگيڊ عملي ۽ سنڌ رينجرس جي اهلڪارن پاڻي جي ٽئنڪرن سميت پهچي باهه وسائڻ ۾ ڳوٺاڻن جي مدد ڪئي. باهه سبب مريد ولد تماچي، نظير ولد مريد، حڪيم ولد تماچي، شاھنواز ولد احمد، صوبدار ولد صالم، عبدالرزاق ولد صوبدار، رجب ولد صوبدار، مٺا خان ولد صالم، حنيف ولد مٺا خان، مبارڪ ولد مٺا خان، ايوب ولد ملوڪ، اسلم ولد ايوب، جبار ولد ايوب، غفار ولد ايوب، ڪمال ولد ملوڪ، جان محمد ولد ڪمال، علي ولد فضل، مالڪ ولد حڪيم ۽ ٻين ڳوٺاڻن جا گهر شامل آهن، گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، ٿانور، روڪ رقم، سون زيور ۽ ٻيو لکين رپين جو سامان رک ٿي ويو، گهر سڙڻ بعد متاثر رهواسي عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان جيٺ ويٺل آهن، جن جي ڪنهن به مدد نه ڪئي. متاثرن ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.