سنجهورو: تعلقي سنجهورو جي يوسي ٻٽور جي فنڪشنل ليگ جي صدر بابر آرائين پ پ جي صوبائي اڳواڻ راڻا عبدالستار راجپوت، غازي سانگهڙ، ڏاڏا شير محمد ڏيرو، اڳوڻي ضلعي چيئرمين خادم رند، پ پ تعلقي صدر شير محمد رند، علي نواز ڪيريو، پ پ يوسي ٻٽور تي بيٺل ضلعي ڪائونسل اميدوار علي حيدر جٽ، حاجي صادق لغاري، سعيد لغاري، حاجي انور راجپوت ۽ ٻين جي مان ۾ سنجهورو لڳ ڳوٺ غني آرائين ۾ جلسو ڪوٺايو ۽ جلسي ۾ بابر آرائين پنهنجي برادري سميت فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جلسي کي راڻا عبدالستار راجپوت، خادم رند، شير محمد ڏيرو، شير محمد رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته يوسي ٻٽور مان اسان جي مخالفن جي سياست دفن ٿي چڪي آھي، چونڊن ۾ ضلعو سانگھڙ پ پ وڏي ليڊ سان کٽيندي، 26 جون اچڻ کان اڳ ئي ضلعي سانگهڙ مان 95 سيڪڙو پ پ اميدوارن جي فتح ٿي چڪي آھي. جلسي ۾ رياض آرائين، نواب خان ٻٻر، وڏيري خادم ٻرڙو، علي خان لنڊ، لياقت آرائين، مختيار آرائين، پيارو رند، ذوالفقار رند، الطاف لغاري، رفيق آرائين، علي گل رند، مدد خاصخيلي ۽ علي گل دزڪاڻي سميت ٻين شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close