قمبر يوٿ فورم جي نائب صدر مهتاب شيخ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به قمبر يوٿ فورم ۽ سندس گهر ڀاتين جناح باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهدا چوڪ تي ڌرڻو هنيو. جنهن بعد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وارثن محمد عرس شيخ، پروفيسر شفيع محمد شيخ، امر فياض شيخ ۽ ڪامريڊ اياز ٻرڙو، سرائي عبدالطيف، مير حسن چانڊيو، لالا اسحاق، مريد مارفاڻي ۽ ٻين چيو ته مهتاب شيخ کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هو صرف قمبر يوٿ فورم جي پليٽ فارم تان شهر لا مختلف سماجي ڪمن، تعليم، صحت، صفائي ۽ امن امان لا خدمت سر انجام ڏيندو هو، هو صرف شهرين جي حقن لا آواز اٿاريندو هو، ان ڏوهه تحت مهتاب کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close