سنڌ

قمبر ۾ يوٿ فورم اڳواڻ مهتاب شيخ کي کنڀڻ خلاف احتجاج

قمبر يوٿ فورم جي نائب صدر مهتاب شيخ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به قمبر يوٿ فورم ۽ سندس گهر ڀاتين جناح باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهدا چوڪ تي ڌرڻو هنيو. جنهن بعد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وارثن محمد عرس شيخ، پروفيسر شفيع محمد شيخ، امر فياض شيخ ۽ ڪامريڊ اياز ٻرڙو، سرائي عبدالطيف، مير حسن چانڊيو، لالا اسحاق، مريد مارفاڻي ۽ ٻين چيو ته مهتاب شيخ کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هو صرف قمبر يوٿ فورم جي پليٽ فارم تان شهر لا مختلف سماجي ڪمن، تعليم، صحت، صفائي ۽ امن امان لا خدمت سر انجام ڏيندو هو، هو صرف شهرين جي حقن لا آواز اٿاريندو هو، ان ڏوهه تحت مهتاب کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button