پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ عورت سميت 3 ڄڻن کي کنڀڻ خلاف انڊس ها وي بلاڪ

ميھڙ: ميهڙ ۾ پوليس پاران گهرن ۾ گهڙي عورت سميت 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف مردن ۽ عورتن وحيد کوسو، نويد، زيبا، افشان،زينت کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ها وي تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو، جڏهن ته مظاهرين انڊس ها وي تي رڪاوٽون وجهي ها وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جو قطارون لڳي ويون. مظاھرين چيو ته زردارين سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آھي، جنهن جو عدالت ۾ ڪيس به هلندڙ آھي پر ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جو وڏو منشي خدابخش زرداري ۽ ون فائيو انچارج الاهي بخش زرداري هڪ ڌر جي ونگار وهندي نوراني ڪالوني ۾ اسان جي گهرن تي وڏن اٽالن سان چڙهائي ڪري مردن ۽ عورتن تي تشدد ڪري رتورت ڪرڻ بعد مهتاب گاڏهي، ڪومل کوسو ۽ ڀٽو گاڏھي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته کنڀي کڻي گم ڪيل مھتاب، ڪومل ۽ ڀٽو اسان جا عزيز آھن. هنن گهر ڪئي آھي ته واقعي جي جاچ ڪري بناجواز گهر ۾ گهڙي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف قدم کڻي گرفتار ڪيل عورت سميت ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻي طرف ايس ايڇ او مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button