
ميھڙ: ميهڙ ۾ پوليس پاران گهرن ۾ گهڙي عورت سميت 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف مردن ۽ عورتن وحيد کوسو، نويد، زيبا، افشان،زينت کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ها وي تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو، جڏهن ته مظاهرين انڊس ها وي تي رڪاوٽون وجهي ها وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ڏانھن ايندڙ ويندڙ گاڏين جو قطارون لڳي ويون. مظاھرين چيو ته زردارين سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آھي، جنهن جو عدالت ۾ ڪيس به هلندڙ آھي پر ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جو وڏو منشي خدابخش زرداري ۽ ون فائيو انچارج الاهي بخش زرداري هڪ ڌر جي ونگار وهندي نوراني ڪالوني ۾ اسان جي گهرن تي وڏن اٽالن سان چڙهائي ڪري مردن ۽ عورتن تي تشدد ڪري رتورت ڪرڻ بعد مهتاب گاڏهي، ڪومل کوسو ۽ ڀٽو گاڏھي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته کنڀي کڻي گم ڪيل مھتاب، ڪومل ۽ ڀٽو اسان جا عزيز آھن. هنن گهر ڪئي آھي ته واقعي جي جاچ ڪري بناجواز گهر ۾ گهڙي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف قدم کڻي گرفتار ڪيل عورت سميت ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻي طرف ايس ايڇ او مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.