پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ لمپي اسڪن سبب 5 ڍڳيون مري ويون، 20 بيمار

مٺي: ٿر جي چوپائي مال ۾ چمڙي جي خطرناڪ بيماري لمپي اسڪن تيزي سان ڦهلجي وئي. مٺي ۾ لمپي اسڪن وائرس سبب شھرين جون 5 ڍڳيون مري ويون. ٿر ۾ ماروئڙن جي معيشت جو واحد ذريعو چوپائي مال ۾ لمپي اسڪن بيماري پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب مٺي شهر ۾ ڀاڳين جون 5 ڍڳيون مري ويون آھن ۽ 20 کان وڌيڪ ڍگين کي وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. شهر جي مختلف مارڪيٽن توڙي ڪالونين ۾ ڦرندڙ ڍڳين ۾ لمپي اسڪن بيماري ظاهر ٿي آهي. سماجي ورڪر تلسي ٻالاڻي، جيئرام ميگھواڙ ۽ ٻين جون ڍڳيون مري ويون ۽ ڪيتريون ئي بيمار آھن، پر اينيمل هسبينڊري کاتي ڪو نوٽيس ناهي ورتو. ڀاڳين موجب چوپائي مال ۾ لمپي اسڪن وائرس سبب جانورن جي چمڙي هنڌان هنڌان ڦاٽي زخم بڻجي وڃي ٿي، لاڳاپيل کاتو غير فعال ۽ سرڪاري فنڊ ھڙپ ڪرڻ ۾ مصروف آھي، آگاهي باوجود علاج جي زحمت نٿو ڪري. اسان اينيمل هسبينڊري کاتي جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button