پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۾ شاخون نه کولڻ خلاف آبادگارن جو 8 ڪلاڪ ڌرڻو

نفيس نگر: نئون ڪوٽ سب ڊويزن جي ٻن شاخن شير شاخ ۽ ڀان شاخ کي آبپاشي عملي پاران شيڊيول مطابق نه کولڻ خلاف سوين آبادگارن غلام محمد چانڊيو، سومار جوڻيجو، مولابخش گشڪوري، مدثر آرائين، ڪالي خان اوٺو، سومار اوٺو، عزيز شورو، ولي داد ڀاڻپوٽو، رامچند ڀيل، بابو احسان گرگيز، غلام فريد راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي سلور موري وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري 8 ڪلاڪن ڌرڻو هڻي آبپاشي عملي خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شير شاخ جي آبادگارن ٻڌايو ته ڄاڻايل شاخ کي شيڊيول مطابق نه کولڻ سبب هزارين ايڪڙن تي پوکيل مرچ ۽ ڦٽي جو فصل تباهه ٿي ويو آهي، اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي عملدار اسان جي حصي جو پاڻي لکين رپين جي رشوت عيوض ڊي اوز واٽر ڪورس ٽوڙائي وڪرو ڪري رهيا آهن. ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ سيڪريٽري آبپاشي نوٽيس وٺي ڪرپٽ آبپاشي عملي خلاف قدم کڻي انصاف ڪن. ڀان شاخ جي آبادگارن ٻڌايو ته ڄاڻايل شاخ کي 21 هون پاڻي به نٿو ڏنو وڃي، ڪڏهن مهيني تي ته ڪڏهن وري 35 ڏينهن کانپوءِ شاخ کي هلايو وڃي ٿو، مٿان وري گيج به پورو نٿو فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن سلور موري وٽ ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو جاري رهڻ ۽ جهڏو-نبي سر روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ٻنهي طرفن کان ٽرئفڪ معطل رهي. ٻئي طرف آبپاشي انجنيئر مٺڙائو عباس پنهور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ هجڻ سبب شير شاخ کي ٻه ڏينهن کانپوءِ کوليو ويندو، باقي آبادگار ڀلي ڌرڻو هڻي ويٺا هجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button