اسلام آبادپاڪستان

تيل جي ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي،وزيرن جي پرڏيهه مان علاج تي پابندي

اسلام آباد :حڪومت سرڪاري استعمال ۾ هر قسم جي گاڏين جي خريداري ۽ سرڪاري عملدارن جي ٻاهرين ملڪ علاج تي پابندي هڻي ڇڏي. ڪابينا ڇنڇر جي موڪل بحال ڪندي جمعي تي ورڪ فراهم هوم جي تجويز جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ورتي. جڏهن ته وزيرن ۽ سرڪاري عهديدارن جي تيل جي ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي ۽ سيڪيورٽي گاڏين ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قمر زمان ڪائرا، امين الحق، ۽ مولانا اسعد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ڇنڇر جي موڪل بحال ڪري ڇڏي آهي، موڪل سان ساليانو 386 ملين ڊالر بچت ٿيندي. وزيراعظم جمعي ڏينهن گهران ڪم ڪرڻ جي تجويز جو جائزو وٺڻ لاءِ به ڪميٽي جوڙي ورتي آهي. هن چيو ته حڪومت سرڪاري استعمال ۾ هر قسم جي گاڏين جي خريداري ۽ سرڪاري عملدارن جي ٻاهرين ملڪ علاج تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي. وزيرن ۽ سرڪاري عهديدارن جي ٻارڻ جي ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي ٿيندي. هن چيو ته مختلف پاور پلانٽس آهستي آهستي فعال ٿيڻ سان گڏ سسٽم ۾ بجلي شامل ٿيندي ويندي ۽ 30 جون تائين ان جو وقت 2 ڪلاڪ ٿي ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا چئن سالن اندر بجلي جي پيداوار، موسم جي تبديلي سبب طلب جي صورتحال ۽ قدمن جو جائزو ورتو. اسان هڪ پاسي عوام کان قرباني وٺي رهيا آهيون ته ٻئي پاسي اسان انهن قدمن جي شروعات ڪابينا مان ڪئي آهي ته جيئن عوام تي گهٽ کان گهٽ بار منتقل ڪيو وڃي. ڪابينا ملڪي معاشي صورتحال ۽ توانائي جي بچت سبب هيٺ ڏنل قدمن جي به منظوري ڏني. ذريعن مطابق وزيراعظم رضاڪاراني طور تي پنهنجي ۽ وفاقي وزيرن کي مليل سيڪيورٽي گاڏين ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي. سمورين قسمن جي گاڏين جي خريداري تي پابندي هڻي ڇڏي پر ايمبولنس، اسڪول بس، ڪچرو کڻندڙ گاڏين تي اها پابندي لاڳو نه ٿيندي. ڪابينا ترقياتي منصوبن کان علاوه سمورين نئين ڀرتين ۽ سرڪاري آفيسن لاءِ فرنيچر خريد ڪرڻ ۽ سرڪاري خرچ تي ٻاهرين ملڪ علاج تي پابندي هنئي آهي. گاڏين ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي بچت ۽ ايفيشنسي وڌائڻ لاءِ صوبائي حڪومتون سال ۾ ٻه ڀيرا گاڏين جي لازمي ٽيوننگ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪنديون. ڪابينا سرڪاري آفيسن لاءِ مشينن سان گڏوگڏ ايئرڪنڊيشنر، مائڪرو ويو، فرج، فوٽو ڪاپي مشين ۽ ٻين جي خريداري، سرڪاري آفيسرن جي غير ضروري بين الاقوامي دورن، ٻاهرين ملڪ مان ايندڙ وفدن کان علاوه سمورين سرڪاري دعوتن تي پابندي هڻي ڇڏي. سرڪاري آفيسن لاءِ اخبارون، مئگزين ۽ رسالا خريد ڪرڻ تي به پابندي هڻي ڇڏي. بجلي گئس ۽ پاڻي جي خرچن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ان کانسوا سفري خرچ گهٽائڻ لاءِ اجلاس آن لائن منعقد ڪرايا ويندا. خالي ۽ غير ضروري آساميون ختم ڪيون وينديون. مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي طلب 28 هزار 400 ميگاواٽ آهي، جنهن مان 27 سئو ميگاواٽ نقصان ۾ هلندڙ فيڊرز ۾ هلي وڃي ٿي جنهن کي ڪڍي بجلي جي ڪل طلب 25 هزار 600 ميگاواٽ آهي ۽ سپلاءِ 21 هزار ميگاواٽ آهي. اهڙي طرح طلب ۽ رسد ۾ 4 هزار 600 ميگاواٽ جو فرق آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا 6 کان 15 جون تائين ساڍا 3 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جي منظوري ڏني آهي. 16 جون کان ساهيوال جي ڪوئلي تي هلندڙ پلانٽ مان 600 ميگواٽ بجلي وڌيڪ سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي جنهن کان پوءِ لوڊشيڊنگ گهٽجي ويندي ۽ 16 کان 24 جون تائين 3 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته 25 کان 29 جون ڪراچي جو هڪ هزار 40 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ جي فعال ٿيڻ سان سسٽم ۾ وڌيڪ بجلي شامل ٿيندي ۽ لوڊشيڊنگ گهٽجي ويندي ۽ 30 جون کان پوءِ پورٽ قاسم تي ڪوئلي مان هلندڙ پلانٽ جو 600 ميگاواٽ سسٽم ۾ اچڻ کان پوءِ 2 ڪلاڪ ٿي ويندي. هن چيو ته ٻين منصوبن کي فعال ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته موجوده حالتون غير معمولي آهن ۽ جنهن بحران مان اسان گذري رهيا آهيون ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڇنڇر جي موڪل بحال ڪري ڇڏي آهي. هن هڪ ڏينهن سان ساليانو 38 ڪروڙ 60 لک ڊالر جي بچت ٿيندي ۽ درآمدي بل تي ان جو 77 ارب رپين جو اثر پوندو. هن ٻڌايو ته متبادل اسٽريٽ لائٽ کي بند ڪرڻ جي تجويز تي بهتر ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ صوبائي ۽ بلدياتي حڪومتن سان گڏجي ان کي يقيني بنائڻ جي منطوري ڏني وئي. مريم اورنگزيب چيو ته مارڪيٽ جلد بند ڪرڻ جي به تجويز هئي جنهن تي سمورن صوبن جا وڏا وزير اڄ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا ۽ وزيراعظم انهن سان مشاورت ڪندو جنهن کان پوءِ ان جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ان کان علاوه شهرين لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي به منطوري ڏني وئي آهي. سرڪاري اجلاسن کي وڌ کان وڌ ورچوئل ۽ ڊجيٽل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير مولانا اسد محمود چيو ته تيل تي شروعاتي طور تي بينظير انڪم سپورٽس جي انگن اکرن مطابق 90 لک ماڻهو فائدو وٺندا. جڏهن ته ان ۾ وڌيڪ 60 لک جو اضافو ڪنداسين. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ به ان تي عمل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button