
لاهور: پنجاب جي وڏو وزير حمزا شهباز اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ننڍي چونڊ گڏيل طور تي وڙهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. رپورٽ مطابق پنجاب جو وڏو وزير حمزا شهباز پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ بلاول هائوس لاهور پهتو. آصف علي زرداري سان حمزا شهباز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ورڪنگ رليشن شپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آصف زرداري، حمزا شهباز کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ ورڪنگ رليشن شپ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عمران خان جي غير جمهوري حربن جو گڏجي مقابلو ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ ننڍي چونڊ گڏيل طور وڙهڻ تي اتفاق ڪيو. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي ڊي سيٽ ٿيندڙ پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي 20 سيٽن تي 17 جولاءِ تي ننڍي چونڊ ٿيندي.