سڪري : بوليويا جي عدالت 2019 جي سياسي بحران جو فائدو کڻندي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر جينين اينز سميت ان وقت جي هٿياربند فوج جي اڳوڻي ڪمانڊر وليمز ڪليمن ۽ پوليس چيف کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. عالمي خابرو اداري موجب بوليويا جي عدالت 54 ورهين جي اڳوڻي صدر جينين اينز، اڳوڻي فوجي ڪمانڊر وليمز ڪليمن ۽ اڳوڻي پوليس ڪمانڊر ولاديمير ڪالڊيرون کي آئين خلاف فيصلا ڪرڻ ۽ فرض ۾ غفلت ڪرڻ جي الزام ۾ ڏوهي قرار ڏيندي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت بغاوت ۾ ملوث چئن فوجي سربراهن کي به سزائون ٻڌايون. جڏهن ته اهي گهٽ سزائون آهن. عدالت بغاوت ۾ ملوث 4 آرمي چيف کي سزائون به ڏنيون پر اهي سزائون گهٽ آهن. ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن جو چوڻ هو ته جين انيز ان وقت ساڄي ڌر جي سينيٽر هئي ۽ هن 2019ع جي صدارتي چونڊن کي قبول نه ڪندي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close