چيلهار: چيلهار جي ڳوٺ ڀوريلو جي رهواسي لوڻو مل سوٽھڙ ۽ سندس گهرواري چيلهار پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڪجهھ مهينا اڳ اسان جي گونگي ڇوڪري کي سندس مڙس ڊاڪٽر ايسرداس غلط انجيڪشن لڳائي، جنهن ڪري ڇوڪري ٽي بي ۾ مبتلا ٿي وئي، جنهن کانپو نياڻي کي ڊاڪٽر ايسرداس گهران ڪڍي ڇڏيو، نياڻي اسان جي گهر ۾ رهندي هئي، اسان الهه تلهه کپائي نياڻي جي علاج تي خرچ ڪيو، پر هو فوت ٿي وئي، ان ڏينهن اسان مٺي اسپتال جي دروازي تي ڊاڪٽر ايسرداس خلاف احتجاج به ڪيو هو، جنهن بعد ڊاڪٽر ايسرداس جي ڪجھه عزيزن فيصلي جو چيو، پر فيصلو نه ڏنو. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ظالم ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close