
ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ آئي بي اي ٽيسٽ ذريعي 50 کان 54 مارڪون کڻندڙ جي ايس ٽي اميدوارن کي فيل ڪرڻ ۽ صوبي ۾ ٻٽي پاليسي واري عمل خلاف متاثر فيميل اميدوارن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي زوبيا اياز، پيام ياسر، اقصى ميمڻ، پروين، رابيل، مريم شريف ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران ميرٽ جي مڪمل لتاڙ ڪندي صوبي ۽ ميرپورخاص تعلقي ۾ ٻٽي پاليسي قائم ڪري مستحق اميدوارن جي حق تلفي ڪئي وئي آهي، اسان آئي بي اي ٽيسٽ ۾ 50 کان 54 مارڪون کنيون، پر اسان کي فيل ڪري آرڊر نه ڏنا ويا، آئي بي أي جي ويب سائيٽ تي ميرپورخاص تعلقي جون 70 جي ايس ٽي جي لسٽ پڻ جاري ڪئي وئي، پر ان جي ابتڙ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پاران رڳو 45 ڄڻن کي جي ايس ٽي آرڊر جاري ڪيا آهن، ٻيون سيٽون ڪهڙي پاليسي تحت ٻين تعلقن کي ڏنيون ويون آهن، اها سراسر زيادتي آهي. ھنن چيو ته ھن وقت پاليسي کي تبديل ڪيو ويو آهي، ھارڊ ايريا اميدوارن کي 33 تي پاس ڪيو ويو آهي، 50 کان 54 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي فيل ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم آهي، سڄي صوبي ۾ ھڪ پاليسي جوڙي وڃي. ھنن پ پ قيادت، وڏي وزير، صوبائي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم سميت واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ھن وقت ضلعي ۾ 50 کان 54 مارڪون کڻندڙ فيميل اميدوارن جو تعداد بيروزگاري جي زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آهن، انھن کي فوري طور آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.