اسلام آبادپاڪستان

معاشي بحران پيدا ڪرڻ تي عمران عوام کان معافي وٺي:شيري رحمان

اسلام آباد :ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان جي نااهل حڪومت معيشت کي مفلوج ڪري وئي آهي. معاشي بحران پيدا ڪرڻ تان عمران خان کي عوام کان معافي وٺڻ گھرجي. پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان چيو ته نئين حڪومت کي ڏکيائين ۾ وجهڻ لاءِ عمران خان پيٽرول ۽ بجلي تي فنڊ نه ٿيل سبسڊي ڏني. شيري رحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي غلط فيصلن جو نتيجو اڄ ملڪ جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، اتحادي حڪومت کي ورثي ۾ قرض، مهانگائي، بيروزگاري، خوراڪ، توانائي بحران ۽ ٻيا خسارا مليا. هن چيو ته عمران خان جي ڪري ملڪ کي ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي. هن چيو ته عمران خان جي ڪري ئي ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، معاشي بحران جي باوجود اتحادي حڪومت مناسب بجيٽ پيش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button