پاڪستانسنڌ

ملازمت ڏيڻ وقت ڊوميسائل جي تصديق ڪئي ويندي: ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي: ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر، وزيراعليٰ سنڌ جي قانون بابت صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي جو ايندڙ ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو، پارٽي ۾ ڪافي صلاحيت آهي ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪري سگهن، ڪراچي ۾ بااختيار بلدياتي نظام هئڻ گهرجي، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ملازمت ڏيڻ وقت ڊوميسائيل جي تصديق ڪئي ويندي، روزگار مقامي ماڻهن جو حق آهي، ساڻن ناانصافي نه ٿيڻ گهرجي، سومر تي ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪرڻ جو بل منظور ڪيو ويندو، مڪاني ادارا قانون موجب عوام جي تابع آهن، سمورن ضلعن ۾ کليل ميدانن ۽ راندين جا ميدان بحال ڪيا پيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار هن رباني فيملي پارڪ جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button