پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول 23 ۽ ڊيزل 55 رپيا في لٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ترتيبوار 23 ۽ 55 رپين جي واڌ ڪرڻي پوندي. ذريعن موجب گذريل ٻن هفتن دوران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ٻه ڀيرا 30 رپيا واڌ ڪرڻ کانپوءِ، امڪان آهي ته حڪومت نئين مالي سال جي شروعات کان اڳ تيل تي سبسڊي مڪمل طور ختم ڪندي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي هاڻوڪي اگهن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول تي سبسڊي 23 رپيا جڏهن ته ڊيزل تي 55 رپيا آهي. اگهن کي اوگرا ايندڙ هفتي حتمي شڪل ڏيندو ۽ پنهنجي سفارشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪندو. پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 60 رپيا واڌ ۽ آءِ ايم ايف جي منظور ڪيل بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ عام طور خيال ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ سمورا پيش ڪيل شرط پورا ڪيا ويا آهن پر معاملو ائين ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button