سنڌ

بخشاپور ۾ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ خراب ٿيڻ لڳيون

بخشاپور ۾ خوراڪ کاتي جي نااھلي ۽ لاپرواھي سبب ڪڻڪ جون ھزارين ٻوريون کليل آسمان ھيٺ خراب ٿيڻ لڳيون آهن، جنهن ڪري ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. خوراڪ کاتي جي لاپرواھي ۽ ڪوتاھي سبب فوڊ سينٽر بخشاپور تي سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ سان ڀريل 7 ھزار کان وڌيڪ رکيل ڪٽا ھيٽ اسٽروڪ سبب ڦاٽي پيا آهن، جنهن سبب ھزارين مڻ ڪڻڪ ضايع ٿي رھي آهي، جڏهن ته فوڊ انسپيڪٽر ھڪ ٻي مٿان الزام تراشين ۾ پورا آهن. رابطو ڪرڻ تي فوڊ انسپيڪٽر بخشاپور الله جڙيو ٻڌايو ته منهنجي بدلي ٿي وئي آهي، منهنجي جا تي رانجھو ملڪ مقرر ٿيو آهي، مون ڪيترائي ڀيرا ڊي ايف سي ڪشمور کي ڪڻڪ خراب ٿيڻ بابت آگاھه ڪيو آهي ۽ لکت ۾ به ڏنو آهي پر ڳالهه تي عمل ڪونه پيو ٿئي. ذريعن موجب بخشاپور فوڊ سينٽر تي خوراڪ کاتي طرفان ڪڻڪ آبادگارن بدران واپارين کان 80 رپيا في ٻوري ڪميشن عيوض خريد ڪئي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي بخشاپور فوڊ سينٽر تي مقرر فوڊ انسپيڪٽر رانجھو ملڪ ۽ ڊي ايف سي ڪشمور ٻڌايو ته واپاري تعاون نه پيا ڪن، جنهن سبب ٽارگيٽ حاصل ڪري ناھيون سگھيا، 80 رپيا ڪميشن واري ڳالھين ۾ ڪابه صداقت ناھي، ڪوشش آهي ته جلد سينٽر تان ڪڻڪ لوڊ ڪرايون ته جيئن وڌيڪ نقصان نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button